اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف مستقبل جي گڏيل قومن جي سربراهي اجلاس جي لاءِ پنهنجي اميدن جو خاڪو پيش ڪندي اسرندڙ ملڪن جي وڌندڙ قرضن جي بار سميت عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر عالمي تعاون تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم محمد شهبا?? شريف 48هين عالمي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ مهيني نيويارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي. وزيراعظم چيو ته مستقبل جو سربراهي اجلاس هڪ عظيم موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ اسان کي ان موقعي کي وڃا??ڻ نه گهرجي. هن ورچوئل لائيو ايونٽ کي عالمي ڪال ٽو ايڪشن جو حصو قرار ڏنو، جيڪو 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي سربراهي اجلاس جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ آهي. ان تاريخي اجلاس ۾ 130 کان وڌيڪ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي شرڪت متوقع آهي، جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ 24 هين سيپٽمبر تي شروع ٿيندڙ سالياني اعليٰ سطحي مباحثي کان اڳ منعقد ٿيندو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف گڏيل قومن جي سمٽ آف دي ??يو??ر کان اڳ ورچوئل اجلاس گلوبل ڪال کي خطاب ڪندي چيو ته 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن تحت منعقد ٿيندڙ اجلاس، سمٽ آف دي ??يو??ر ۾ مستقبل جي لاءِ پائيدار ترقي، ترقياتي سيڙپڪاري، عالمي امن ۽ سلامتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڊيجيٽل تعاون، نوجوان ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل ۽ عالمي گورننس ۾ بدلاءُ تي حڪومتن جي وچ ۾ عملي قدمن تي ٻڌل هڪ مستقبل جو معاهدو (Pact of the Future) طئي ٿيندو. سمٽ آف دي ??يو??ر کان اڳ وزيراعظم نميبيا جي صدر نانگولو بمبا (Nangolo Mbumba) ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز جي ميزباني ۾ منعقد ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ورچوئل اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن کي معاشي طور تي ڪمزور ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلان پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نئين عالمي چئلينجز ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا جي ورڇ ٿيڻ جو خطرو آهي، دنيا کي متحد ڪرڻ جي لاءِ برابري ۽ انصاف ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته غزه جي مسلمانن جون مصيبتون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهي. هن چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن تي قرضن جو بار ۽ غربت ۾ اضافو عالمي اتحاد ۾ رڪاوٽ آهن. اهڙي طرح معاشي ورڇ، عدم برداشت، دهشتگردي، غيرقانوني غاصباڻي قبضي ۽ ماحولياتي تبديلين تي غيرسنجيدگي پڻ عالمي اتحاد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم قرار ڏنو ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي معاشي ڍانچي جا سڌار?? ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته رعايتي قرض، رسمي ترقياتي معاونت ۽ ترقياتي بئنڪن کان قرضن ۾ اضافو معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، عالمي برادري کي ترقياتي سيڙپڪاري جي جديد طريقن بابت سوچڻو پوندو، واجب الادا قرضن جي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ٿيڻ جي اجازت ۽ قرضن جي برابراڻي معافي انهن جديد طريقن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ترقي جي ضمانت آهي، هر شخص خاص طور تي زمين جي ڏاکڻي ملڪن ۾ هر شهري جي جديد ٽيڪنالاجي تائين برابر پهچ اهميت رکندڙ آهي، اسان کي دنيا کي ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کان پڻ محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته ناانصافي ۽ اڻبرابري مقامي ۽ عالمي سطح تي خراب عنصرن کي استحصال جو موقعو ڏين ٿا، م??سمياتي تبديلي ۽ قرضن جي بار هيٺ دٻيل قومون، دهشتگردي ۽ غلط معلومات جي چئلينجز ۾و رتل ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، انهن سمورن خطرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ۽ تعاون انتهائي لازمي ٿي چڪو آهي، سمٽ آف دي ??يو??ر عالمي تعاون جي پرچار جي لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن کي اسان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم پاران مستقبل جي گڏيل قومن جي سربراهي اجلاس جي لاءِ پنهنجي اميدن جو خاڪو پيش ڪندي اسرندڙ ملڪن جي وڌندڙ قرضن جي بار سميت عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر عالمي تعاون تي زور
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania