اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف رات دير تا??ين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزي??اع??م ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثم?? سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزي??اع??م ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ارشد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17
وزيراعظم پاران پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو