شينزن – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات، ??شر??ات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دو?? جي شروعات ٿي رهي آهي، شين??ن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي اندر هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دو?? ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شين??ن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي اونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽر?? پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اه?? پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدمن سان پاڪستان ترقي ڪندو.
وزيراعظم جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری