اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگ??دي جي لعنت جي ملڪ مان خاتموي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان ا??ليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگ??دي جي لعنت جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم گهرو وزارت کي ملڪ ۾ دهشتگ??دي جي خاتمي ۽ صوبائي دهشتگ??دي جي خاتمي وارن ا??ارن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ صوبن سان تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي سيڪيورٽي خاص طور ت?? مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ا??لاسن جو هر مهيني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڪيورٽي ايس ??و پيز جي باقاعدگي آئوٽ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزارت اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي مجموعي امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil