راولپنڊي- 31 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه ج??رل سيد عاصم منير جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪ??دڙ دهشتگردن سندن سهولتڪارن ۽ تخريبڪارن سان ??يا??ت پوري طاقت سان مُنهن ڏيندي، ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد ۾ ملوث هئڻ ۽ آزادا ۽ منصفاڻي چونڊ جي رٿڻ جي بهترين جمهوري عمل کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه ج?? صدارت هيٺ 262 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. فورم ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عظيم قربانيون ڏي??دڙ پاڪ فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن ۽ عوام کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪ??دڙ دهشتگردن سندن سهولتڪارن ۽ تخريبڪارن سان ??يا??ت پوري طاقت سان مُنهن ڏيندي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي مقدم ۽ ناقابل تسخير آهي. پاڪستان سمورين ??يا??تن سان پُرامن بقا تي يقين رکي ٿ?? جڏهن ته ملڪ جي خودمختياري، قومي وقار ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن تي ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. فورم کي ڀارت طرفان علائقائي ۽ عدالتن کان مٿاهين قتل، ??يا??تي سرپرستي ۾ دهشتگردي جاري رکڻ ۽ پاڪستاني شهرين ک?? نشانو بنائڻ جي بي رحماڻي مهم بابت بريفنگ ڏني وئي. فورم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڀارت طرفان عالمي قانون جي سر عام ڀڃڪڙي ۽ ان جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو وڃي. عالمي برادري پهريان ئي ڀارت جي مجرماڻي رويي ۽ سڄي دنيا ۾ قتل ۽ رتوڇاڻ لاءِ ??يا??تي نظام جي استعمال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪي آهي. فورم فلسطين ۽ غزه ج?? عوام لاءِ غير متزلزل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ تڪرار جي انتهائي ناڪاري نتيجن ۽ خطي ۾ ڦهلجڻ جي امڪانن کي نوٽ ڪيو. فورم فلسطين مسئلي جي مستقل جنگبندي ۽ پائيدار حل جي فوري ضرورت تي گڏيل طور تي تسليم ڪيو. فورم ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي خوداراديت واري حق جي حمايت جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق انصاف جي فراهمي تائين ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. فورم عام چونڊن جي پُرامن رٿڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي مقرريءَ تي به ڳالهه ڪئي، فورم چيو ته ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد ۾ ملوث ٿيڻ ۽ آزداد ۽ منصفاڻي چونڊ رٿڻ جي بهترين جمهوري عمل کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فورم اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ غير قانوني ماڻهن سميت غير قانوني سرگرمين ۽ ڏوهاري ماڻهن خلاف کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهڙن قدمن ۽ ان جي معيشت ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائي تي هاڪاري اثرن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جاري رکڻ جي ضرورت آهي. فورم کي فارميشنن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف فارميشن ڪمانڊرن کي چيو ته اها فوجين جي تربيت، انتظاميه ۽ مورال تي پنهنجي توجهه جاري رکن.
رياست دهشتگردن سندن سهولتڪارن ۽ تخريبڪارن سان پوري طاقت سان مُنهن ڏيندي: جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا