اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چي?? جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چي??ي نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ چي?? دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چي?? جي نائب پرڏيهي وزير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چي?? پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چي?? جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چي?? جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چي?? ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چي?? پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ