اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ايڪشن پلان جي اي??ڪس ڪميٽي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي انخلا ۽ غيرقانوني غيرملڪي ماڻهن جي واپار ۽ ملڪيتن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ ملڪيتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي اي??ڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، لاڳاپيل وفاقي وزير، صوبائي وڏا وزير ۽ قا??ون لاڳوڪندڙ سمورن سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه هڪ ئي ڇت هيٺ گڏ هئا. جاري ڪيل پڌرائي موجب شرڪت ڪندڙن ملڪي داخلي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ته جيئن ممڪن چئلينجز کي پائيدار انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. باوجود سمورين مشڪلاتن جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوام جي اميدن موجب آئين ۽ قا??ون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين جو انخلا، بارڊر تي اچ وڃ جي طريقيڪار کي هڪ دستاويز جي صورت ۾ منظم ڪرڻ (جنهن ۾ بارڊر تان چرپر جي اجازت رڳو پاسپورٽ ۽ ويزا تي ڏني ويندي) ۽ غيرقانوني غيرملڪي ماڻهن جي واپار ۽ پراپرٽي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ شامل آهي. گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي وئي آهي جيڪا جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ پراپرٽي جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ته جيئن غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ملڪيت جو تدارڪ ڪري سگهجي. فورم وڌندڙ غيرقانوني سرگرمين (بشمول منشيات اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، کاڌي پيتي جي شين ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ، غيرقانوني رقم جي په?? ۽ ??جلي چوري) تي جاري ڪاررواين کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ موثر ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. فورم ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته طاقت جو استعمال رڳو ??يا??ت جو دائره اختيار آهي ۽ ڪنهن به شخص يا گروهه کي طاقت جي زبردستي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند گروهه يا تنظيم جي هرگز ڪا جڳهه نه آهي ۽ اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي وئي ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ??يا??ت ڪنهن کي مذهب جي من پسند تشريح ڪري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادي، اسلام ۽ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي ۽ ??يا??ت ان کي يقيني بڻائيندي. فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات جي مهم جوئي ڪندڙن کي سائبر قا??ونن تحت سختي سان منهن ڏنو وڃي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته قا??ونن جي آگاهي ۽ عملدرآمد جي لاءِ فني طريقيڪار جوڙيا پيا وڃن جيڪي قا??ون جي پاسداري ۽ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکي ٺاهيا پيا وڃن. آخر ۾ فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اي??ان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيون وينديون.
نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي انخلا ۽ غيرقانوني غيرملڪي ماڻهن جي واپار ۽ ملڪيتن جي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو، جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، ڪاروبار ۽ ملڪيتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ گهرو وزارت تحت هڪ ٽاسڪ فورس قائم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی