اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر ??هري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري مل??يتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، مل?? جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده مل??ي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ مل?? جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زي??ن دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر ??وچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿ??نديون، آئون مل?? جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.
احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual