اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌا??ن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻ??ڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي ??رگ??مين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻ??ڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي ??رگ??ميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ت?? نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي ??رگ??مين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.
حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste