اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار نه آهي، فضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا فضل الرحمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو ته فضل الرحمان 3 س??لن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ ??بي?? چيو ته مو??ود?? حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ ??بي?? چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ وو?? مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ ??بي?? چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ ??بي?? چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.
مولانا فضل الرحمان جو ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں