اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انس??ني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انس??ني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف ??خت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انس??ني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف ??خت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران انس??ني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انس??ني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف ??ازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف ??خت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انس??ني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف ??خت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انس??ني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انس??ني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ ج?? حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انس??ني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انس??ني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado