اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون ج??ع ڪرائڻ لاءِ ڄا??اي?? بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀلي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم ????ع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خ??طر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄا??اي?? بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل برانچون 30 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان اڍائي وڳي تائين کولي رکن. ان کان اڳ حج پاليسيءَ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يعني نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، الائيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، بئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، فيصل بئنڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ الحبيب، حبيب ميٽرو پوليٽن بئنڪ، سنهري بئنڪ، ميزان بئ??ڪ ۽ بئنڪ اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته اهي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان درخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪري سگهن ٿا.
حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز