اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي خاتون اول نصرت ڀٽو جي ورسي 23 آڪٽوبر تي ملهائي ويندي. نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ايران جي ??هر اصفهان ۾ پيدا ٿي. اڳوڻي وزيراعظم ذوالف??ار علي ڀٽو 1951ع ۾ ساڻس شادي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صنم ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو سندن اولاد ۾ شامل آهن. مادرِ جمهوريت نصرت ڀٽو ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ قربانين جي هڪ تاريخ رقم ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. اڳوڻي خاتون اول جي ورسيءَ جي موقعي تي پ پ جي ??نتظام هيٺ دعائن وارين تقريبن جو ب??دو??ست ڪيو ويندو ۽ سندس قومي ۽ سياسي خدمتن جي ??عتراف ۾ کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن