اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترق??، س??ار?? ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آھي ته اسان کي صحتمند، ھنرمند، تعليم يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي، قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. انهن خيالن جو اظھار ھن اربع ڏينھن آبادي بابت پارلياماني فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ويو آھي. قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. اسان کي قومي ايجنڊه تي گڏجي ڳالھائڻو پوندو ۽ حل ڳولڻو پوندو. اڄ جو دور جدت جو دور آھي. احسن اقبال چيو ته افرادي سگھه بجائي ڪوالٽي جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، صرف آبادي جي نه بھتر صلاحتين جي پڻ ضرورت آھي، پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح گھٽجي رھي ھئي پر و??ي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي. 2017ع کان اھا شرح 2.4 س??ڪڙ?? ھئي ۽ ھاڻ 2.5 س??ڪڙ?? کان وڌيڪ آھي. اھا قومي ترقي ۽ قومي مفاد لاءِ ھڪ چيلنج آھي. اسان کي پاڻي جي کوٽ کي به منھن ڏڻو پيو پوي. ھن چيو ته اسان کي صحتمند، ھنر مند، تعليم يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي. آبادي جي وسيلن سان برابري ضروري آھي. قومي صحت ايمرجنسي جي ضرورت آھي. وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. خواندگي جي شرح 60 س??ڪڙ?? آھي جڏھن ته ترقي لاءِ اھا شرح 90 س??ڪڙ?? ھجڻ گھرجي. تعيلم جي شعبي ۾ وڏي ڪم جي ضرورت آھي ۽ تعليم ۾ س??ار?? جي ضرورت آھي. احسن اقبال چيو ته دنيا ۾ ماءُ جي تعليم ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ تناسب ٿيندو آھي ۽ ٽڪنيڪي شعبن کي بھتر بڻائڻو پوندو.
قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجڻو پوندو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis