نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائ??دا?? امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ تڪرار جي حل ۽ ف??سطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شري?? ۽ ??ڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائ??دا?? ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ??ي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سي??ريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائ??دا?? امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سي??ريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ ف??ري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار رياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام ??ي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع ??ي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي ??ي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام ??ي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria