اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ گي?? جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، سڀني کي گي?? ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي به گي?? نه ملندي، اهي هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ا??ل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آهن انهن کي ا??ل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناز تنولي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ گي?? جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، گي?? پائيپ لائنز ۾ 7 کان 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جيڪڏهن سڀني کي گي?? ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي به گي?? نه ملند??، واحد رستو اهو آهي ته اسان ٻاهران گُهرايل گي?? فراهم ڪريون جيڪا مهانگي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ان کي خريدڻ لاءِ تيار نه آهي. نئيون هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ا??ل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آهن انهن کي ا??ل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسمگلنگ جو دفاع نه ڪرڻ گهرجي، اهو هڪ ناجائز ڪاروبار آهي. ملڪ جي قاعدن موجب ٻاهران شيءِ گُهرائڻ وارن کي واپاري ۽ غير قانوني طريقي سان شيءِ گُهرائڻ واري کي اسمگلر چيو وڃي ٿو. پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي. سيد وسيم حسين جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سموريون ڪمپنيون جيڪي غير معياري سلينڊرز استعمال ڪن ٿيون اها انهن جي مجرماڻي غفلت آهي، ان سان ماڻهن جي حياتين کي خطرو آهي. اوگرا کان اسان ان سلسلي ۾ فريم ورڪ به گُهريو ته ماڻهن جي حياتين جي تحفظ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. رعنا انصار جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان کي بي شمار تيل ۽ گي?? جي ذخيرن کي ڳولڻ وارين ننڍين ننڍين ڪمپنين کي ادائگيون ڪرڻيون آهن. گي?? جون قيمتون نه وڌائڻ سان گي?? ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي نقصان ٿئي ٿو. غريب عوام جي ڏُکيائين سبب اسان گي?? جون قيمتون نٿا وڌائي سگهون جنهن سبب گي?? ڪمپنين تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اهي نقصان ?? هليو وڃن ٿيون. گي?? جي چوري کي روڪڻ تمام ضروري آهي. پُراڻين پائپ لائنن کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان هڪ اثرائتو پروگرام جوڙيو ويو آهي. ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ گي?? ايل پي جي سيلنڊرز ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي، سمورا ايل پي جي گي?? سلينڊرز بم ناهن هوندا. قانون موجب گي?? ذخيرن وارن علائقن ۾ 5 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ گي?? فراهم ڪئي ويندي آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ گي?? چوري ٿيڻ سبب پريشر گهٽ ٿئي ٿو.
ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچڻ لڳي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے