اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان هارون ??نواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ سخت حفاظتي انتظا??ن سان گڏ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ نا??ي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنز تي وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي عوام جو ٽرن آئون ??سلي بخش رهيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شڪايتون ??اخل رڪڻ لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لائين تي ڪال ڪري پنهنجون ??ڪايتون ??اخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ووٽرز 8300 تي ايس ايم ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ??هن.
سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو: ترجمان اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری