اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نوجوانن جي لاءِ ذهني صلاحيتن کي وڌائيندڙ راندين جو فروغ ضروري آهي، راند مختلف ملڪن جي وچ ۾ رابطن جو ذريعو هوندي آهي، ملڪ جي هر اسڪول ۾ شطرنج جهڙين راندين جي سهولت هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪولن جي لاءِ پرائيم منسٽرز مائن?? اسپورٽس انيشي ايٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان آيل مهمانن جي آجيان ڪريون ٿا. نوجوانن جي لاءِ ذهني صلاحيتن کي وڌائيندڙ راندين جو فروغ ضروري آهي. شطرنج جي راند ذهني صحت سان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط کي سيکارڻ جو پڻ سبب آهي جنهن سان زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ رخ جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. پيشيواراڻي زندگي ۾ هي هڪ بهترين مشغلو آهي. هن چيو ته راند مختلف ملڪن جي وچ ۾ رابطن جو ذريعو هوندي آهي، سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي رانديگرن مختلف شعبن ۾ نمايان نالو ڪمايو آهي. آئون پنهنجي موجوده عهدي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ يقين ڏياريان ٿو ته شطرنج جي راند جي فروغ لاءِ ڪوششن ۾ رهندس. ملڪ جي هر اسڪول ۾ اهڙي طرح جي راندين جي سهولت هجڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي بين الصوبائي رابطن واري نگران وفاقي وزير فواد احمد فواد چيو ته راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي. ٻارن جي مستقبل جي لاءِ مختلف منصوبن جي شروعات تي نگران وزيراعظم جا ٿورائتو آهيان. هن چيو ته موجوده دور ۾ دنيا کي مختلف چئلينجز ۽ مسئلا درپيش آهن. ماضي ۾ پاڪستان ۾ شطرنج جا نمايان رانديگر رهيا آهن. هن چيو ته ان قدم تحت مائنڊ ??يم?? جي سهولت سڄي ملڪ ۾ 10 هزار سرڪار?? اسڪولن ۾ ڏني ويند?? اسان ان کي ملڪ جي سمورن سرڪار?? اسڪولن تائين کڻي وينداسين. اسان نج?? اسڪولن کي به ان حوالي سان گ??را??ي رهيا آهيون جڏهن ته ڪارپوريٽ سيڪٽر جون خدمتون پڻ ورتيون پيون وڃن ته جيئن سڄي ملڪ ۾ هر اسڪول تائين ??يم?? جو اهو سلسلو پهچي سگهي. هن چيو ته پهرين مهيني ۾ اسلام آباد جي 100 اسڪولن کي اها سهولت ڏني ويندي. هن مرحوم مير سلطان خان جي ڪارڪردگي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن جو تعلق سرگوڌا سان هو ۽ هُو شطرنج جو ناليوارو رانديگر هو جنهن1929ع، 1931ع ۽ 1932ع ۾ برٽش شطرنج چيمپيئن شپ کٽي. سندس خدمتن تي انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جي صد?? آر ڪي ڊي ويڪوويف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي سندس جاءِ تي ايوارڊ پيش ڪيو. تقريب کي انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جي صد?? آر ڪي ڊي ويڪوويف خطاب ڪندي چيو ته سڄي پاڪستان جي 10 هزار سرڪار?? اسڪولن جي 60 لک ٻارن کي ان راند تائين پهچ جو موقعو ڏنو ويندو. فيڊريشن استادن جي مدد ۽ تربيت ڪندي جيڪي سکيا کانپوءِ ٻارن کي تربيت ڏيندا. انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر داناريزنينس اوزولا، ايشيئن چيس فيڊريشن جو صدر شيخ سلطان بن خليفه بن النهيان ۽ پاڪستان چيس فيڊريشن جو صدر محمد حنيف قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
نوجوانن جي لاءِ ذهني صلاحيتن کي وڌائيندڙ راندين جو فروغ ضروري آهي، ملڪ جي هر اسڪول ۾ شطرنج جهڙين راندين جي سهولت هجڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت