اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصل?? برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي ش??ايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر ??حيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر ??حيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آئيسڪو کي ??رخ??است ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن ل??ائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري ش??ايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ ??رخ??است داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئي، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن ل??ائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آئيسڪو جي ??رخ??است کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.
صدر پاران آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر