ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحده ڪوششن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، الزام بازي سا?? ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، هلندڙ سا?? ڪپهه جي رڪارڊ پيداوار ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايڪسپورٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته برآمد ڪندڙن جو پرڏيهي ناڻو ملڪ ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، انهن جون ڪوششن ساراهه جوڳيون آهن، ڪراچي روشنين جو شهر، ملڪ جو گيٽ وي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شهر آهي. هن چيو ته واپاري اسان جي ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، مختلف سببن جي ڪري پاڪستان پاڙيسري ملڪن کان پٺتي رهجي ويو. هن چيو ته الزام بازي سا?? ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، اسان کي بليم گيم ۾ نه پوڻ گه??جي?? وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ گڏجي ويهي اڳتي وڌڻ گه??جي?? پاڪستان جي صنعت ۽ حرفت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، روزگار، پيداوار، روانگي واپار ۽ روينيو حاصل ڪرڻ ۾ واپارين جو اهم ڪردار آهي، ان حوالي سا?? واپارين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، اهي مشڪل صورتحال جي باوجود ان محاذ تي ڄميل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جا صنعتڪار ۽ واپاري دل کولي عطيو ڏين ٿا، خدمت خليق ۽ عوامي منصوبن تي وڌي چڙهي حصو وٺن ٿا، وسيلن ۾ اضافي سا?? ئي عطيا ڏئي سگهجن ٿا ۽ خدمت خلق ڪري سگهجي ٿي ۽ وسيلن ۾ اضافو منافعي سا?? ٿئي ٿو. هن چيو ته گذريل 75 سا??ن دوران ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ٻئي شامل آهن، جيڪڏهن واپارين کي بجلي مناسب قيمت تي نه ملندي ته ملڪي مصنوعات کي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ روانگي واپار جي مسابقت ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سا??ن ۾ ڪپهه جي پيداوار متاثر ٿي، اميد آهي ته هلندڙ سا?? ڪپهه جو بمپر فصل ٿيندو، هڪ اندازي موجب ڪپهه جي پيداوار اٽڪل 10 ملين ڳٺڙيون ٿيڻ جي اميد آهي، گذريل سا??ن ۾ اها 3 ملين ڳٺڙيون سا??يانو رهي آهي، ڪپهه جي پيداوار گهٽ ٿي وئي هئي، ان جو ڪهڙو سبب آهي، اهو وڏو سواليه نشان آهي، بنگلاديش 100 سيڪڙو ڪپهه درآمد ڪري ٿو ۽ پوءِ ان سا?? گارمينٽس برآمد ڪري ٿو، اتي بجلي سستي آهي پر مسئلا هتي ۽ اتي ٻنهي جڳهن تي آهن، حڪومتي ادارن کانسواءِ ڪٿي ٻئي هنڌ به خ??ابي آهي، اسان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي جي لائين لاسز، بجلي چوري ۽ نااهلي وڏو مسئلو آهي، گڏجي ويهي انهن مسئلن کي خلوص نيت سا?? حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي 60ع جي ڏهاڪي جهڙو ملڪ ٺاهڻو آهي، واپارين کي 49 رپيا في يونٽ بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي، ان تي حڪومت 10 رپيا مدد فراهم ڪري ٿي ۽ اهو يونٽ 39 رپين ۾ پوي ٿو، ٿر ۾ ڪوئلي جا بجلي گهر لڳڻ سا?? ڪراچي کي بجلي 28 رپيا في يونٽ تائين فراهم ڪري سگهجي ٿي، ان حوالي سا?? سنڌ جي وڏي وزير سا?? گڏجي ويهي ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ تيار آهيان، لاڳاپيل وزارتن سا?? گڏجي ان حوالي سا?? ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ تي برآمد ڪندڙن جي خدمتن جو عوامي سطح تي اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي اسلام آباد ۾ ايوارڊز ڏيڻ گهرجن ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ اهي جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وڌيڪ مخلصاڻيون ڪوششون ڪن، جدت پسندي تي ٻڌل مصنوعات جي برآمد ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ گئس ۽ تي?? جي پيداوار محدود آهي، 16 مهينن ۾ گئس جي ملڪي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سا?? مالامال آهي، رڳو رينٽل بزنس جي فروغ سا?? اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي، اسان کي مسابقت کي منهن ڏيڻ گه??جي?? پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٺوس برآمدي پاليسي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي تحت هٿ ٻڌيا آهن پر اهو معاهدو 9 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اسان پنهنجي مخلصاڻي ڪوششن جي ڪري آءِ ايم ايف جي چڪر کان ٻاهر نڪرنداسين ۽ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو، ان جي لاءِ اسان کي گڏجي ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته واپارين کي رڳو مطالبا ئي نه ڪرڻ گهرجن پر حڪومت جو سا?? ڏيڻ گه??جي?? توهان سومر ڏينهن اسلام آباد اچو، گڏجي ويهي مسئلن جي حل لاءِ منصوبابندي ڪريون ٿا، مون کي يقين آهي ته نگران حڪومت ۽ ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ صنعت ۽ حرفت جي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته عرب نيوز جي آرٽيڪل ۾ پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ اهو آرٽيڪل سعودي عرب جي اڳوڻي سفير لکيو آهي. هن چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اسان انهن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ان جي لاءِ روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل 16 مهينن دوران ??وڏ?? مهانگائي، يوڪرين ۾ جنگ، تي?? جي قيمتن ۾ اضافي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 3 ڊالر ۾ گئس نه خ??يد ڪئي، موجوده حڪومت هاڻي ان حوالي سا?? آذربائيجان سا?? تاريخي ۽ شاندار معاهدو ڪيو آهي، آذربائيجان هر مهيني پاڪستان کي هڪ ڪارگو گئس فراهم ڪندو، پاڪستان جي صوابديد آهي ته هو مارڪيٽ ريٽ مناسب هجڻ تي ان جي خريداري ڪري، جيڪڏهن اسان خريداري نه ڪنداسين ته ڏنڊ نه لڳندو. شهباز شريف چيو ته ڪوشش ڪرڻ سا?? رستو ضرور نڪرندو، الله تعاليٰ ڪرم فرمائيندو، سمورين مشڪلاتن جي باوجود ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر جي لاءِ وفاق ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهيو آهي، ڪي – فور جي لاءِ هن بجيٽ ۾ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪراچي ۾ اربين رپين جو روينيو پيدا ٿئي ٿو، هتان جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي بدقسمتي آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ گه??جي?? جيڪڏهن اسان ٻيهر حڪومت ۾ آياسين ته ان مسئلي کي سنڌ حڪومت سا?? گڏجي هڪ سا?? ۾ حل ڪنداسين. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي استحڪام لاءِ وڏا فيصلا ڪيا، معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، واپاري برادري جي مسئلن کي ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي صدر محمد طارق يوسف خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جي معيشت دوست پاليسي جي ڪري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سا?? ميثاق معيشت ڪرڻ گهرجي. ڪي سي سي آئي جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم برآمد ڪندڙن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران 70 ارب جي فائبر آپٽڪ گڏيل عرب امارات کي برآمد ڪرڻ واري واپاري کي اسٽيج تي گهرائي شاباس ڏني.
پاڪستان جي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحده ڪوششن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، الزام بازي سان ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ