اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ايڪ??پر??س ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊا??، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم سان گڏ هئا. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ايڪ??پر??س ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپو??، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ر??لوي اسٽيشنن تي بيهندي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان