اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ??رڪيٽ ٽيم جي ??اڪ??تان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته ??اڪ??تاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران ??اڪ??تان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ??رڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ ??اڪ??تان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير س??ن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ??اڪ??تان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ م??فو?? جڳهه آهي، ??اڪ??تان حڪومت انگلينڊ ??رڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ??اڪ??تان ۽ انگلينڊ ??رڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نوازي تي ??اڪ??تان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??اڪ??تان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. ??اڪ??تان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ??رڪيٽ ٽيم کي ??اڪ??تان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج