ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کاتي جي حصيداري سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسس??نٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام ??حمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتما?? ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام ??ڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪراچي جي انتظاميا سان ??رپ??ر حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ??رپ??ر انداز ۾ منعقد ٿيندا.
بئنڪ اسلامي جي تعاون سان پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن ۾ مختلف مقابلا ٿيندا: ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ