اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي اڱاري تي ايران روانو ٿي وي?? آهي. کيس دو??ي جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي پنهنجي پهرين دو??ي دو??ان بلاول ڀٽو زرداري ايراني صدر سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دو??ان ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو وي??دو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو وي??دو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو وي??دو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دو??و ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دو??و ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ايران روانو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔