بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ وا??اريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏ??ل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي س??د جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خا?? چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي س??براهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏ??ل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪستان جي س??ابهادر اسٽريٽجڪ حصيد??ري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪ??ري لاءِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي س??د جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏ??ل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيد??ري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪستان جي حصيد??ري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏ??ل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي گڏ??ل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي س??ح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏ??ل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏ??ل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي و??ري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي و??ري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وا??ار و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں