اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن ??ه آهي، ان جي لاءِ ڀارت کي حالتون سازگار بڻائڻيون پونديون، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ ج?? تاثر درست ??ه آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 کان 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چ??و ته پاڪستان سدائين پرامن گڏيل بقاءُ جي بنياد تي ڀارت سان بهترين لاڳاپا رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر نئين دهلي ڪڏهن به مثبت جواب ناهي ڏنو، ترجمان چ??و ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انسانيت تي ظلم ڪري ۽ عالمي قانونن کي ٽوڙي رهيو آهي دنيا ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه آهي، هن چ??و ته ڀارتي فورسز جا ظلم دنيا جي اکين کان اوجهل ??ه آهن، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، ترجمان چ??و ته ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جون حالتون ??ه آهن، ڀارت کي ان حوالي سان حالتون سازگار پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چ??و ته پاڪستان ڀارت ۾ امن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڀارت دوستي ۽ ڳالهين جو مثبت جواب نه ڏنو، ترجمان چ??و ته ڀارت کي واگها جي ذريعي افغانستان ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جي به اجازت ڏني، پر هن اڃان تائين نه تاريخ جو ٻڌايو نه ئي ٽ??ڪن جا تفصيل ڏنا، ڀارت ان حوالي سان مڪمل تفصيل فراهم نه ڪري رهيو آهي، عاصم افتخار چ??و ته جعلي معلومات تي ڀارت دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڀارت پاڪستانين جي يوٽيوب چئنلز کي جعلي قرار ڏئي بلاڪ ڪرائي رهيو آهي ۽ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي رهيو آهي، هن چ??و ته ڪشمير پريس ڪلب جي بندش صحافين جي گرفتاري ان جا واضح مثال آهن، ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائي منفي پروپگينڊا جي ذريعي ٽ??رگيٽ ڪندو آهي، پر هاڻي پاڻ عالمي ادارن ڪوڙي پروپيگنڊا تي ان کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عاصم افتخار چ??و ته سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ ج?? تاثر درست ??ه آهي، ڪورونا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، هن چ??و ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، دوري دوران ان جي اڳڀرائي جو جائزو ٿيندو، ترجمان چ??و ته وزيراعظم ??يگ??نگ سرمائي المپنڪس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو، چين جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٿيندي، ترجمان ٻڌا??و ته او اءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 ۽ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير جي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهه ٿي آهي، افغانستان بابت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چ??و ته پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ به حوثي باغين جي وڌيڪ حملن جي مذمت ڪري ٿو، ٽي ٽي پي جي حوالي سان معيد يوسف جو بيان غلط رپورٽ ٿيو.
موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ