اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته وزيراعظم جو چين جو دو??و اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دستي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئ?? سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوال?? سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دو??و ڪندس، بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دو??ي جي حوال?? سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ??يو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ناليوارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏيهي وزير ??يو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ ي?? سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوال?? سان مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دو??و ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي ??يو ته چين افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار ک?? ساراهيو آهي، ان کانسواءِ چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير ??يو ته مودي جي حڪومت جي دو?? ۾ مسلمانن سميت ڀارتي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوال?? سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن ??يو ته چين جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چين جي ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستاني دستي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿيو آهي ته ڪامياب چين جي دو??ي جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.
وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج