اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارت??ار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪر??ار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي سفارت??ار کي ٻڌايو ويو ته اقليتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارت??ار کي ٻڌايو ويو ته ان واقعي کي فوري طور تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي س??ني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀارتي سفارت??ار کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ??لم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تحقيقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي به اقليتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تحفظ ۽ عبادتگاهن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جو سينئر سفارتڪار پرڏيهي وزارت طلب
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل