اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت 17 سالن کانپوءِ صحافين جي لاءِ اٺين ويڄ بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪر?? ورتي آهي، آئين ۽ قانون موجب اٺون ويڄ بورڊ لاڳو ڪيو ويندو، صحافي پنهنجي حق کان محروم هئا، صحافين جي قلم جي طاقت جمهوريت کي پنهنجي پيرن تي بيهاري رکيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ اٺين ويڄ بورڊ جي نوٽيفڪيشن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪر?? رهي هئي. ان موقعي تي صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين جو وڏ?? انگ موجود هو. مملڪتي وزير چيو ته جولاءِ ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جا 10 سال مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، مون کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين تمام گهڻي عزت ڏني، اٺين ويڄ بورڊ ??و اعلان منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا