اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجل??س غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع ??ي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌاي?? ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع ??وران ڪڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌاي?? ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع ??وران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکي?? ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جائزو ورت?? ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي پيداوار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪي?? ويو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪي?? ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ڪمند جي پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪي?? ويو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زرعي شين جي صورتحال جو به جائزو ورت?? ويو.
وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری