ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان ??ي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر مهنداياپا ابي وردانا ۽ سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسي مانجهاندو ڏنو. وزيراعظم عمر??ن خان کي اسپورٽس مين جي حيثيت س??ن خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سريلنڪا جي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمر??ن خان کي راندين واري وزير پاران ??عليٰ معيار جي اسپورٽس ڪمپليڪس جي تجويز به پيش ڪئي وئي جيڪو وزيراعظم عمر??ن خان ??ي نالي تي ٺاهيو ويندو. تقريب ۾ وزيراعظم عمر??ن خان ??ي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي حوالي سان ??ستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جنهن ۾ وزيراعظم عمر??ن خان ??ي ڪرڪيٽ جي زماني جي سريلنڪن رانديگرن پاران کيس خراج تحسين پيش به ڪيو ويو. وزيراعظم عمر??ن خان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد ان ??قريب جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ اسپورٽس مين جي حيثيت سان پنهنجي يادن جو ذڪر ڪيو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ جي ذريعي هن مقابلو ڪرڻ سکيو ۽ پنهنجي انهن صلاحيتن جي ڪري هو هڪ سياسي پارٽي جي قيادت ڪرڻ ۽ پاڪستان ??ي وزيراعظم بڻجڻ جي قابل ٿيو. وزيراعظم يونيورسٽي گريجوئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي سريلنڪا جي دوري جو به ذڪر ڪيو، هن پاڪستان ۾ ??ين??ڙ مئچ ۾ سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي جو ذڪر ڪندي ان کي فخر جوڳو قرار ڏنو ۽ ٽيم جي ڪپتان ??رجنا رانا ٽنگا سميت ٽيم جي رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر پاران مانجهاندو ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ