اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي آرڊيننس بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ملي وئي آهي، ان تي وڌيڪ جاچ ٿيندي، وزارت جي آفيسر ناصر جمال ڄاڻي ٻجهي حقيقتون ل??ايون، کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي، کيس جواب ڏيڻو ??ون??و ته هو ائين ڇو ڪري رهيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پي آءِ او محمد سليم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان آرڊيننس جي معاملي بابت سينيئر آفيسر شفقت جليل جي سربراهي ۾ قائم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اچي وئي آهي، ان معاملي تي ڪجهه ميڊيا جي حصي حقيقت کان ابتڙ رپورٽنگ ڪئي. هن چيو ته قانون ٺاهڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جو حق آهي، اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل وزير ڊڄي وئي آهي ۽ ان لاءِ مسودو واپس ورتو ويو آهي.
پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي آرڊيننس بابت رپورٽ ملي وئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ