اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??سلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وزيراعظم پاران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏي??دي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. صحافين سان ڳالهائي??دي هن چيو ته اڄ اعليٰ عدليه ۾ اسان جي و??يلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعليٰ عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وزيراع??م چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : راکی