گڏيل قومون- 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي نسل ڪشي سبب هڪ ملين (10 لک) کان وڌيڪ ٻار ذهني صح?? جو شڪار آهن، کين نفسياتي علاج جي ضرورت آهي جنهن جو فنڊ دستياب ناهي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي ٻارن جي سار سنڀال بابت اداري ي??نيسيف جاري ڪي?? پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. يونيسيف چيو ته غزه جا ٻار اسرائيل جي شديد بمباري، خاندان جي ماڻهن جي شهادتن ۽ ناڪه بندي وارن علائقن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال سبب خوف جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ 19 هزار فلسطيني ٻار يتيم ٿي چڪا آهن. دماغي صحت جي ماهرن خبردار ڪي?? آهي ته غزه ۾ ٻارن جي ذهني صحت تي مهينن کان جاري اسرائيلي جنگ جو وڏو اثر نسلن ??ائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه غزه ۾ فلسطين جي شهري دفاع واري کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل پنج مهينن دوران جنگ سٽيل علائقن ۾ اسرائيلي حملن ??بب 70 فلسطيني ٻار مارجي ويا آهن. هڪ تازي رپورٽ ۾ يونيسيف چيو آهي ته 2025ع جي پهرين هفتي دوران غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي تشدد ۾ 74 ٻار مارجي ويا. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪي??رين رسل تشدد جي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ مسئلا کڻي آيو آهي جنهن ۾ مبينه طور تي 74 ٻار شهيد ٿيا آهن. هن نئين سال جي شروعات ۾ ٻارن جي ان انگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪي?? جيڪي يا ته مارجي ويا يا ته پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن. آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيل غزه جي پٽي ۾ 46 هزار 565 فلسطينين کي شهيد ڪي?? آهي جنهن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 109، 378 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل غزه ۾ خوراڪ ۽ بنيادي سامان جي فراهمي روڪي شهرين کي فاقه ڪشي کي هٿيار طورتي استعمال ڪري رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب 10 لک ٻار ذهني صحت جي بحران جو شڪار آهن: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena