اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مر??ا م??مد آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختي??ر ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا م??مد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري م??مد قاسم صدم خان به موجود هو.
سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران وڻڪاري مهم جو آغاز
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ