اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪري??ري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ??يان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي ??نگ??ن خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست ??نهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري ??ي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري ??هي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن