اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (??ي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو ر??زگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اط??اعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته ڊجيٽل اط??اعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.
اطلاعات واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے