اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم قبا??لي علائقن (فاٽا) جي عوام کي تحفظ جو احساس فراهم ڪرڻ لا??ِ ضم ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق جي انتظام هيٺ قبا??لي علائقن (فاٽا) جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي خاتمي لا??ِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ لا??ِ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو فيصلو نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اجلاس ۾ قانون واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظ??ر، وزيراعظم جي سيڪريٽري، سيفران، ناڻي ۽ منصوبابندي ڊويزن جي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران فاٽا انضمام بابت عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ