بغداد -06 آگسٽ (اي پي پي) عراق ۾ عين الاسد ايئر ب??س تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن . فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع وا??ي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته عين الاسد ايئر ب??س تي آمريڪي ۽ اتحادي فوج خلاف گذريل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار حملي بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ مع??وم??ت دستياب ٿيڻ تي فراهم ڪئي ويندي. عراق جي فوجي ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته ايئر ب??س تي ڪيترائي راڪيٽ فا??ر ڪيا ويا، ڪجهه ان جي اندر ڪريا ۽ ڪجهه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. وا??ع رهي ته عراق ۾ آمريڪي فوج جا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت