رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن ??رحان سان آئرلينڊ ج?? نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي ??ورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آ??ن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ??واهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي ??ورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي ??طري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ ج?? هم منصب سان گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ??رورت، شهرين جي ??حفظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina