بينڪاڪ-19 آگسٽ (اي پي پي) ٿائلينڊ جي نئين چونڊيل وزيراعظم پيتونگاترن شيناوترا ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو دل سان ديس جي ترقي ل??ءِ ڪم ڪندي. پرڏيهي ميڊيا مو??ب شاهي محل طرفان وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي باضابطا اجازت ملڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت جي سربراهه طور مان پارليامينٽ سان گڏجي ڪم ڪنديس ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ل??ءِ سمورن ڌرين طرفان تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. پيوتنگا ٿائلينڊ جي ننڍي ڄمار واري وزيراعظم آهي. 37 ورهين جي نئين چونڊيل وزيراعظم شيناوترا مُلڪ جي ٻي عورت وزيراعظم آهي جيڪا چونڊجي آئي آهي. هوءَ ا??وڻي وزيراعظم ٿاڪسن شيناوترا جي ڌيءَ آهي. کيس 493 جي ايوا?? مان 314 کان وڌيڪ ميمبرن ووٽ ڏئي ملڪ جي نئين وزيراعظم طور چونڊيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری