رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فل??طينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فل??طين بابت صورتحال تي ڳ??لهيون ڪندي اسرائيل ۽ فل??طين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مصر ج?? پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سان رابطي ??ور??ن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳ??لهيون ڪيون. قطر ج?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طريقن تي ڳ??لهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فل??طين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطي م فل??طيني اٿارٽي تي اولهندي ڪناري ۾ امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج