اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحف?? لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپمينٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاص?? ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏ??ي، راوي سٽي جي مختلف زونز جي ڊولپمينٽ ۽ ٻاهرين سيڙپ??ار ڪمپنين جي منصوب?? ۾ ??هري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لاءِ 5 مشهور سيڙپ??ار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپمينٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽي ۾ ٽيڪنالاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊولپمينٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سه??ار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿيندڙ شروعاتي اڳڀرائي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاص?? ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپمينٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي.
راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا