راولپنڊي – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سدرن ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. ان موقعي تي کيس صوبي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي ۽ خوشحال ??لوچستان پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جو ڪوئيٽا ايئربيس تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه استقبال ڪيو. بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ??ان ۽ وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ