اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمو??ين ترقي يافته قومن پنهنجي ٻولي جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن مان فائدو کڻي قومي ٻولي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳاله??ئي??ندڙ سمو??ين ٻولين جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اردو جي فروغ جي لاءِ ايئر يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالمي جون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري اداري جو چيئرمين افتخار عارف، ايئر يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فروغ جي لاءِ لسانيات جي جديد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترقي جو ڪم تمام گهڻو په??ين شروع ٿيڻ گهربو هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں