بيجنگ – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي ??ائم گڏيل رابطا ڪميٽي چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ريل جي ماس ٽرانزٽ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي پي پي سان خصوصي ??الهه ٻولهه ڪندي احسن اقبال چيو ته اهي ريل منصوبا لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائين ٽرين منصوبي وانگر هوندا، اهي چار ئي منصوبا سي پيڪ فريم ورڪ جو حصو بڻايا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ لاڳاپا ملڪ ۾ 9 صنعتي زونز قائم ڪرڻ جو معاهدو ٿيڻ کانپوء?? هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. اهي اقتصادي زونز وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد، ڪراچي کانسواءِ چئني صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج