رياض _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب اسرا??يل جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ور??اءِ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فلاڊيلفيا ڪ??ري??ور جي حوالي سان اسرا??يل جي بيانن تي شديد تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته اسرا??يل طرفان جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي اهو عالمي قانونن ۽ اصولن جي جاري اسرائيلي خلاف ور??ين کي جواز فراهم ڪرڻ جي فضول ڪوششن کانسواءِ ڪجهه ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جو??ب ۾ اسان مصر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مصر جي حڪومت سان گڏ آهيون. سعودي عرب چڙ ڏياريندڙ بيانن جي نتيجي ۾ مصر ، قطر ۽ آمريڪا طرفان غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان جي خطري کان پڻ خبردار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته اسرائيلي دعوى خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي وڌائي رهي آهي. پرڏيهي وزارت فلسطيني عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي اهميت، 1967ع جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو.
اسرائيل جي وزيراعظم جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد