بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جمعي ڏينهن نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير فيلڊ ڪان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي مع??مل?? تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. وانگ اي نيڌر لينڊز جي هم منصب سان پنهنجي ٽيفلونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته چين ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ واضح ۽ عملي جامع تع??ون تي ٻڌل حصيداري جي مستحڪم ترقي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن ۽ ان حصيداري خطي ۽ دنيا جي پرامن ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته چين نيڌرلينڊز جي نئين حڪوم?? سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ، هڪجهڙن مع??مل?? تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. وانگ اي چيو ته چين عالمي پيداوار ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور تي برقرار رکڻ لاءِ نيڌرلينڊز سان تع??ون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي نيڌرلينڊز جي پرڏيهي وزير چيو ته چين اي??يا ۾ نيڌرلينڊز جو اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي مسئلن تي گڏيل فائديمند تع??ون ڪرڻ گهرجي. ه چيو ته يورپ ۽ چين وچ ۾ ڪجهه مع??مل?? ۾ اختلافن کي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تع??ون ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته نيٽو پنهنجي ميمبر ملڪن جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ هميشه هڪ دفاعي ادارو رهندو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو