دبئي -25 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي جي اپيل ڪورٽ هڪ ايشيائي کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا ٻڌائي آهي. الامارات اليوم مطابق يو اي اي کان ٻاهر هڪ ڊرگ ڊيلر طرفان ??يشيائي شهري کي گمنام پيغام مليو جنهن ۾ کيس ملڪ ۾ ان ڪم جي لاءِ چيو ويو. ايشيائي شهري ڊيلر سان منشيات ڪرسٽل خريد ڪئي ۽ اي ٽي ايم ذريعي رقم ان ??ي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جن هن کان پوءِ ڊرگ ڊيلر طرفان کيس ان ??ڳهه جو نقشو ڏنو ويو جتي منشيات موجود هئي پر پوليس کيس گرفتار ڪري پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ دبئي پوليس جي جنرل ڊپارٽمينٽ آف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بنياد تي هڪ مارڪيٽ ويجهو منشيات کڻي ويندي پڪڙيو ويو. ان ??ابت ڄاڻ اعتماد جوڳن ذريعن طرفان ملي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ??وابدار قانون طور تي اطلاع ڏيڻ ??اوجود پيش نه ٿيو، عدالت فيصلي ۾ ڪيس جي سمورين شاهدين تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ۽ چيو ته جوابدار جو ڏوهاري ارادو پڻ نظر اچي ٿو، سموريون رپورٽون ۽ شاهديون ان ??و ڏوهه ثابت ڪن ٿيون، تنهن ڪري کيس 10 هزار درهم ڏنڊ ۽ ملڪ مان ??دخلي جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيائي شهري کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena