رياض-28 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ اندروني ادارن کي منظم ڪرڻ لاءِ قومي فريم ورڪ ۽ ريلوي سسٽم جي ضابطن جي منظوري ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ معذور ماڻهن لاءِ غير سرڪاري ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جا ضابطا مقرر ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن لاءِ پيشيور پروگرامن جا ضابطا تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلمان کي جمهوريه تاجڪستان جي صدر پاران مليل پيغام سميت ملڪ جي ولي ??هد ۽ وزيراعظم سان يوڪرين جي صدر ۽ رشين فيڊريشن جي وفد جي ملاقات جي حو??لي سان پڻ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته برازيل ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پڻ آگاهي فراهم ڪئي وئي. وزيرن واري ڪائونسل سعودي آئل ڪمپني آرامڪو کي گ??س جي ذخيرن ۾ اضافي جي حو??لي سان مليل ڪاميابين کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، ڪابينا عرب گهرو وزيرن جي 41 هين اجلاس جي حو??لي سان پڻ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قونصل فلسطين ۽ خاص طور تي غزه پٽي ۽ ان جي ڀرپاسي واري انساني صورتحال جي سنگين کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي پڻ ڳا??هي??ن ڪيون ۽ اتي وڌندڙ عسڪري ڪاررواين کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي حو??لي سان پڻ ڳا??هي?? کي بهترين قدم قرار ڏنو ويو.اجلاس ۾ صحت واري وزير يا ان جي مقرر ڪيل نمائندي کي ترڪمانستان جي صحت واري وزارت سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو جنهن موجب ٻئي ملڪ دواسازي ۽ صحت جي معاملن ۾ سهڪار ڪندا.
غزه ۾ وڌندڙ عسڪري ڪارروايون امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: سعودي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات